ڪورونا ۾ مبتلا جسٽس قاضي فائز ۽ سندس گهرواري جي طبيعت ناساز

اسلام آباد ڪورونا وائرس مان متاثر سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس گهرواري مسز سرينا عيسيٰ جي طبعيت گذريل کان ناساز ٿي وئي آهي، جنهن تي ڊاڪٽرن 2 ڀيرا معائنو ڪيو. ذريعن موجب جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي ڳالهائڻ ۾ ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پيو پوي، هن کي گذريل رات اسڪين جي لاءِ اسپتال ب آندو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ گذريل ڏينهن آن لائن اڍائي ڪلاڪن تائين جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس به اٽينڊ ڪيو هو، جنهن کان پوءِ هن کي ڳالهائڻ وقت ڇاتي ۾ سخت تڪليف شروع ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔