طالبان 7 هزار قيدين جي آزادي بدلي 3 مهينا جنگبنديءَ جي آڇ ڪري ڇڏي

ڪابل : افغان حڪومت جي هڪ نمائندي چيو آهي ته طالبان 7 هزار باغي قيدين جي آزادي جي بدلي ٽن مهينن جي جنگبندي جي آڇ ڪئي آهي.
اها آڇ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي، جڏهن افغانستان ۾ عسڪريت پسندن گروهن طرفان سڄي ملڪ ۾ ڪارروائيون جاري آهن.
حڪومتي ترجمان نادر نادري موجب اهو هڪ وڏو مطالبو آهي، جڏهن ته طالبان گڏيل قومن جي بليڪ لسٽ ۾ شامل پنهنجي ليڊرن جي نالن کي به ان فهرست مان ڪڍڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
واضح رهي ته هڪ ڏينهن اڳ ئي طالبان اسپين بولدڪ ضلعي جي جابلو علائقي تي قبضو ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔