جرمني ۾ طوفاني مينهن، 30 کان وڌيڪ فوت، ڪيترائي گم

برلن : جرمني ۾ طوفاني برساتن سبب 30 کان وڌيڪ فوت ۽ ڪيترائي گم ٿي ويا آهن.
جرمني جي اولهه علائقن ۾ تيز برساتن سبب ايندڙ ٻوڏ ڪيترن ئي علائقن ۾ نظام ڊانواڊول ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٻوڏ وهڪرن جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 33 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 50 جي لڳ ڀڳ گم آهن.
اولهه جرمني ۾ تيز برساتن دوران ڪيترائي گهر پڻ پٽ پئجي ويا آهن، پوليس موجب ٻوڏ وهڪرن ۾ ڪيترائي گهر وهي ويا.
برساتن سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر رياستن ۾ رائن لينڊ پلاٽينيٽ ۽ نارٿ رائن ويسٽ فيليا شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔