ڪورونا جو ڀارتي قسم خطي ۾ تباهي مچائي رھيو آھي: اسد عمر

ڪراچي: وفاقي وزير ۽ اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا جي ڀارتي قسم پوري خطي ۾ تباهي جو سبب بڻجي رھيو آھي، سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ اسد عمر جو چوڻ هو ته اسپتالن ۽ آئي سي يوز ۾ ڪورونا مريضن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ڪورونا جي ڳڻتي جوڳي مريضن جو انگ وڌي رهيو آهي، هن چيو آهي ته ڪورونا جو ڀارتي قسم خطي ۾ تباهي جو سبب بڻجي رهيو آھي، سمورا ماڻهو ايس او پيز تي عمل ڪن، جلد ويڪسين لڳرائن، پنهنجي ۽ ٻين جون زندگيون خطري ۾ نه وجهن، اين سي او سي موجب پاڪستان ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 5 سيڪڙو کان وڌي وئي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 2545 نوان ڪيسز سامهون آيا ۽ وڌيڪ 47 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔