نواز شريف کي جيل ۾ قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي:مريم نواز

ڪراچي: نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آھي تھ نواز شريف کي جيل ۾ قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي، عمران خان جي ڪابينا جي اجلاسن ۾ عوام جي ڀلائي بدران نواز شريف کي قتل ڪرڻ جي سازش ٿيندي هئي، نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز آزاد ڪشمير ۾ جلسي کي خطاب دروان تحريڪ انصاف حڪومت مٿان سنگين الزام ھنيا، جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته نواز شريف کي پُٽ کان پگهار نه وٺڻ جي کِل جوڳي الزام ۾ نااهل ڪيو ويو، کائنس وزارتِ عظميٰ کسي وئي، سازشن باوجود نواز شريف هر اليڪشن ۾ مخالفن کي سندن گهر ۾ گهڙي ماريو آهي، نواز شريف اڪيلو ناهي، سندس ڌيءُ سپاهي بڻجي اچي وئي آهي، عمران خان سائيڪل تي وزيراعظم آفيس ويندو آهي، پيٽرول مهانگو ٿيو ته کيس فرق نه پوندو، هاڻي عمران خان ايئرپورٽ ۽ موٽرويز سوڌو نواز ليگ جي حڪومتي دور جي منصوبن کي گروي رکڻ جي سازش ڪري رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔