پاڪستان جي زمين افغانستان خلاف استعمال نه ٿي رهي آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد: وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جي زمين افغانستان جي خلاف اسنتعمال نه ٿي رهي آهي، سماجي ويب سائيٽ ٽويٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته افغانستان ۾ بدلجنڊر صورتحال گهري نظر آهي، ڪوشش آهي ڪابل ۾ هڪ پر امن ۽ سڀني جي راءِ تي ٻڌل نظام حڪومت جي ذريعي اڳتي وڌجي، جيڪڏهن ائين نه ٿوي ته به پاڪستان جي اندر هن جا اثر اچڻ نه ڏينداسين، هن چيو آهي ته اسان جي افغان پاليسي پاڪستان جي مفاد تي آهي، وزيراعظم چئي چڪو آهي ته امن ۾ ڀائيوار آهيون پر جنگ ۾ نه، فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته افغانستان جي سرزمين به پاڪستان جي خلاف استعمال نه ٿيندي، سياسي پارلياماني قيادت عدم مداخلت تي اصول تي متفق آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔