عدالت ۾ ھٿيارن سان گڏ داخل ٿيندڙ 2 عورتون گرفتار

صوابي: عدالت۾ ھٿيارن سان گڏ داخل ٿيندڙ ٻن عورتن کي گرفتار ڪيو ويو، ڪي پي ڪي ۾ عورتون ھٿيار کڻي گھمڻ لڳيون، ڊي پي او صوابي جو چوڻ آھي تھ صوابي جي عدالت ۾ 2 عورتن کي ڪارروائي ڪري ھٿيارن سوڌو گرفتار ڪيو ويو آھي، ھن چيو تھ عورتن جي سڃاڻپ رشيدا ۽ زرمينا جي نالن سان ٿي آھي، ڊي پي او جو چوڻ آھي تھ زرمينا جو مڙس امان اللھ جيل ۾ آھي، جنھن جي اڄ پيشي ھئي، ٻئي عورتون ان سان ملاقات جي لاءِ آيل ھيون، امان اللھ جي محمد رياض نالي شخص سان خوشي دشمني ھئي، ان کي بھ پيش ٿيڻو ھو، عورتن وٽ 29 گوليون ۽ لوڊ ٿيل ھٿيار ھئا، جن کي امڪاني طور قتل جي منصوبي ۾ استعمال ٿيڻو ھو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔