سنڌ حڪومت پاران ڪروناوائرس ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪاروائي جو فيصلو

ڪراچي: چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاه جي صدارت ھيٺ اھم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ گھرو سيڪريٽري ، سيڪريٽري صحت سميت تمام ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن شرڪت ڪئي. چيف سيڪريٽري سنڌ جي ڪمشنرن کي ھدايت ڪئي ته ڪروناوائرس ايس او پيز جي خلاف ورزي تي شادي ھال، مال پڙي، مارڪيٽ ۽ ريسٽورنٽ سيل ڪيا وڃن، جن علائقن ۾ ڪروناوائرس جا ڪيس وڌن ٿا اتي سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو وڃي. اجلاس ۾ صحت کاتي پاران پرائمري تائين اسڪول بند ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي. جڏهن ته صحت کاتي پاران انڊور ڊائننگ تي پابندي سميت 2 ڏينھن ڪاروبار پڻ بند ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. چيف سيڪريٽري چيو ته صحت کاتي جي تجويزن کي وڏي وزير جي سربراهي ۾ ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ رکيون وينديون. اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته صوبي ۾ ھن وقت تائين 3.35 ملن ويڪسينيشن ڪئي وئي آھي. 647 ويڪسينيشن سينٽرن ۽ 347 موبائيل ٽيمن ذريعي ويڪسينيشن ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔