سنڌ جي ڊائريڪٽر نرسنگ جو ڪارنامو: سيکڙاٽ نرسز کي ويڪسينيشن سينٽر ۾ مقرر ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ جي ڊائريڪٽر نرسنگ جو ڪارنامو، تازو نرسنگ ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ويڪسينيشن سينٽر ۾ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. سنڌ جي ڊائريڪٽر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر جا عهدا خالي هجڻ سبب اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪاروهنوار هلائڻ لڳي. نرسنگ بورڊ جي ڪنٽرولر جي به اضافي چارج رکندڙ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر خيرالنساء نرسنگ ڪاليجز جي انتظاميه کي خط لکي چيو آهي ته نرسنگ شعبي ۾ چئن سالن جي ڊگري پروگرام تحت داخلا وٺي پڙھندڙ شاگردن کي هڪ هفتي لاء ويڪسينيشن سينٽر ۾ مقرر ڪريو، جنهن سان کين ڪلهي ۾ انجيڪشن لڳائڻ جو تجربو ٿيندو. خط ۾ چيو ويو آهي ته 24.جولاء کان پنج سيمٽبر تائين کين هڪ هڪ هفتي جي ڪلينڪل ٽريننگ لاء ويڪسينيشن سينٽر تي مقرر ڪيو وڃي. پهرين سال جي شاگردن کي ويڪسين جهڙن حساس سينٽرن تي مقرر ڪرڻ تي ينگ نرسنگ ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔