سنڌ ۾ ڪورونا جا 907 نوان ڪيس ظاهر، وڌيڪ 6 مريض فوت!

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير پاران ڪورونا وائرس بابت جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 907 نوان ڪيس رپورٽ ڪيا ويا، صوبي ۾ ڪيسن جو مجموعي انگ 348368 ٿي چڪو آهي. اڄ وبا مان 174 مريض صحتياب ٿيا، جنهن بعد صحتياب ٿيندڙن جو انگ 317841 ٿي ويو آهي. اڄ 6 وڌيڪ مريض فوت ٿي ويا ، جنهن بعد فوتين جو ڪل انگ 5613 تائين پهچي ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي هن وقت 24914 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 763 مريضن جي حالت نازڪ ۽ 58 مريض وينٽيليٽر تي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔