اڳوڻو صوبائي وزير رئيس غلام رسول انڙ سياست تان ريٽائر، سندس پٽ کي پڳ ٻڌرائي وئي!

سڪرنڊ: اڳوڻي صوبائي وزير ۽ ٽي دفعا ايم پي اي چونڊجي آيل پي ٽي آئي اڳواڻ رئيس غلام رسول انڙ سياست کان رٽائرڊ ٿي سياسي پڳ پنھنجي پٽ امام علي انڙ کي ٻڌرائي ڇڏي. اڳوڻي صوبائي وزير رئيس غلام رسول انڙ پاران سندس رھائش گاھ کڏھر ۾ هڪ اھم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مون ھميشه سڪرنڊ سميت سڄي سنڌ جي ماڻھن جي خدمت ڪئي آهي، ھن وقت وڏي عمر ۽ طبيعت ٺيڪ نه ھجڻ سبب پنھنجي سياست جي واڳ پنھنجي پٽ امام علي انڙ جي حوالي ٿو ڪريان ڇو ته امام علي عوامي خدمت ڪرڻ جو جذبو رکي ٿو، ھن پرڏيهه مان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ پنھنجي ملڪ اچي سماجي خدمت ذريعي عوام جي خدمت ڪرڻ جي شروعات ڪئي. مونکي پنھنجي پٽ مان اميد آهي ته هو مون جيان پنھنجي تر جي عوام جي ڀرپور خدمت ڪندو. ان موقعي تي امام علي انڙ پاران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون مٿان جيڪا ذميواري رکي وئي آهي ان کي بھتر نموني سان نڀائڻ جي ڀرپور نموني سان ڪوشش ڪندي پنھنجي راڄ سميت سڪرنڊ جي عوام خدمت ڪبي. ٻئي پاسي رئيس غلام رسول انڙ پاران پنھنجي پٽ امام علي انڙ کي پڳ ٻڌرائڻ جي تقريب ڪندي پڳ جو پھريون ور ڏنو، ان کان علاوه سندس مٽن مائٽن سميت راڄ جي نيڪ مردن پاران پڳ جا ور ڏنا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔