ٽويٽر تي فوٽوشاپ تصوير اپ لوڊ ڪرڻ مريم نواز کي مهانگو پئجي ويو

ڪراچي: نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز جڏهن ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي ۽ نواز شريف جي تصوير شيئر ڪئي ته کيس اندازو ڪونه هو ته سوشل ميڊيا صارفين ان ۾ فوٽو شاپ جو عنصر ڳولي لهندا. اهو سڀ تڏهن ٿيو جڏهن مريم نواز ڪشمير وادي جي سرسبز بيڪ گرائونڊ واري تصوير اپ لوڊ ڪئي ۽ ان ساڳئي هنڌ جي تصوير هن نواز شريف جي به رکي. ڪيترن ئي صارفين انهن تصويرن کي فوٽو شاپ ٿيل تصويرون قرار ڏنو، جنهن ۾ بيڪ گرائونڊ، وڻ ۽ پتن جي پوزيشن هوبهو ساڳي هئي، رڳو ڪردار بدليل هئا. هڪ صارف هنس مسرور تبصرو ڪيو ته مريم نواز کي مشورو ڏيندس ته نواز شريف کي وزيراعظم به فوٽوشاپ تي بڻائي ڇڏي. وزيراعظم جي خاص معاون شهباز گل به سر وٺايو ته جعلسازي ۾ مقام آهي محترمه جو، ٽرسٽ ڊيڊ جعلي، قطري خط جعلي، ڪيليبري فونٽ جعلي ۽ هاڻ ڪشمير سان محبت به جعلي!

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔