لاهور: وزيراعظم عمران خان جي ڀاڻيجي سوڌو 5وڪيلن تي ڪيس داخل

لاهور: وزيراعظم عمران خان جي ڀاڻيجي ايڊووڪيٽ حسان نيازي سوڌو پنجن وڪيلن خلاف قتل جي ارادي سميت ٻين قلمن تحت لاهور جي ٿاڻي اسلام پوره ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس اڳوڻي گورنر بلوچستان نواب اڪبر بگٽي جي بيواهه شهزادي نرگس جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، فريادڻ الزام لڳايو آهي ته هو پنهنجي خلاف ايف آئي اي ۾ داخل ڪيس نمبر 21/104 ۾ حفاظتي ضمانت ڪرائڻ سيشن ڪورٽ پهتي، ساڻس گڏ وڪيل اياز بٽ به موجود هو، حسان نيازي اڳوڻي مڙس منهنجي خلاف غلط ٻولي استعمال ڪئي، فريادڻ اهو به الزام لڳايو ته مٿس عدالتي احاطتي ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔