ارباب غلام رحيم تحريڪ انصاف ۾ شموليت جي تصديق ڪري ڇڏي

اسلام آباد: سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم تحريڪ انصاف ۾ شموليت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.ارباب غلام رحيم گذريل ڏينهن وزيراعظم سان ملاقات کان پوءِ پنهنجو وڊيو بيان جاري ڪيو آهي. وڊيو بيان ۾ ارباب غلام رحيم چيو ته وزيراعظم سان ملاقات ٿي آهي.ملاقات کان پوءِ مون تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم مون کي پارٽي منظم ڪرڻ ۽ ان ۾ ڊسيپلين قائم ڪرڻ جي ذميواري ڏني آهي.سنڌ ۾ تمام جلد وڏيون خوشخبريون ٻڌڻ ۾ اينديون. پنهنجي بيان ۾ ارباب غلام رحيم سنڌ ۾ تبديلي جو به اشارو ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔