توهين عدالت ڪيس ۾ پ پ اڳواڻ مسعود عباسي جي معافي رد

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مسعودالرحمان عباسي تي توهين عدالت ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.سپريم ڪورٽ ۾ مسعودالرحمان عباسي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. مسعودالرحمان عباسي درخواست ڪئي ته والده جي وفات ۽ گهريلو جهيڙن سبب پريشان آهيان. نون عهديدارن جي تعارفي تقريب هئي جنهن کي خطاب ڪيو. غريب ماڻهو آهيان عدالت کان معافي گهران ٿو، پير جهلي معافي گهران ٿو. ٻه زالون ۽ ست ٻار آهن، اڪيلو ڪمائيندڙ آهيان. پريشانين سبب خبر نه پئي ته ڇا ڳالهائي ڇڏيو. جسٽس مظاهر نقوي چيو ته پير جهلڻ جو ڪوبه سوال ناهي. سوچيل سمجهيل منصوبي کان سواءِ اهڙي تقرير ممڪن نه هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔