آمريڪا کي اڏا نه ڏينداسين: آرمي چيف

اسلام آباد: پارليمينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بعد آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا صحافين جي سوال جي جواب ۾ چيو ته اڏا آمريڪا کي ڏيڻ جو سوال اوهان حڪومت کان ڪيو، بعد ۾ چيو ته اڏا نه ڏينداسين. پارليمينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جو 8ڪلاڪ اجلاس ٿيو، افغانستان کان آمريڪي فوج جي وڃڻ ۽ صورتحال جي حوالي سان ڊي جي آءِ ايس آءِ بريفنگ ڏني ۽ آرمي چيف پارليمينٽ ميمبرن جي سوالن جا جواب به ڏنا، اجلاس ۾ رڳو افغان مسئلي تي ڳالهيون ٿيون، ڪشمير ۽ ملڪ اندروني صورتحال تي ٻيهر سيشن ٿيندو،ذريعن موجب، عسڪري اختيارين بريفنگ ۾ چيو ته افغان مسئلي تي بلڪل نيوٽرل رهڻ گهرجي، افغانستان ۾ ڪنهن هڪ گروپ طرفان نه وڃڻ گهرجي، افغان عوام جنهن کي چونڊي، اسان کي اتي گهڙڻ گهرجي، هاڻي افغانستان ۾ خانه جنگي ٿي سگهي ٿي، پارليمان فيصلو ڪري اسان کي ڇا ڪرڻو آهي، عسڪري اختيارين ٻڌايو ته چين ۽ آمريڪا جي معاملي تي ڪنهن ڪئمپ ۾ نه، اسان نيوٽرل پاليسي تي عملي پيرا آهيون، ماضي ۾ غلطيون ٿيون، افغان تڪرار سبب 5کان 7لک پناهگيرن جي پاڪستان آمد جو امڪان آهي، افغان پناهگيرن کي سرحدي علائقن تائين محدود رکيو وڃي، ڊي جي آءِ ايس آءِ اجلاس کي ٻڌايو ته پاڪستان افغان امن عمل ۾ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان جي زمين افغانستان ۾ جاري تڪرار ۾ استعمال نه پئي ٿئي، اميد آهي ته افغانستان جي زمين به پاڪستان خلاف استعمال نه ٿيندي، اجلاس بعد آرمي چيف کان صحافي سوال ڪيو ته هن ڀيري ڪي اڏا ته نه ڏيندا؟ آرمي چيف سوال جي جواب ۾ چيو ته اهو اوهان سوال حڪومت کان پڇو، مونکان ڇو پڇي رهيا آهيو، ان بعد ئي آرمي چيف چيو ته اڏا نه ڏينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔