سڀاڻي تائين ايل اين جي فراهمي ستر سيڪڙو تائين بحال ٿي ويندي: حماد اظهر

اسلام آباد:توانائي واري وزير حماد اظهر دعويٰ ڪئي آهي ته سڀاڻي تائين ايل اين جي 70 سيڪڙو فراهمي بحال ٿي ويندي.

رپورٽ موجب سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ٽوئٽ ۾ وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته سڀاڻي تائين ايل اين جي 70 سيڪڙو فراهمي بحال ٿي ويندي.

توانائي واري وزير پنهنجي ٽوئٽ ۾ ٻڌايو ته ڊرائي ڊاڪنگ جي حوالي سان تازي صورتحال اها آهي ته جهاز جي تبديلي اربع 30 جون تي ڪاميابي سان مڪمل ٿي وئي.

40 سيڪڙو فراهمي شيڊول کان ٻه ڏينهن اڳ ئي حاصل ٿي چڪي آهي ۽ اسان جو حدف آهي ته سڀاڻي تائين 70 سيڪڙو فراهمي مڪمل ٿي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔