پراچي ڊيسائي، مومنا مستحسن لاءِ پريشان

ڪراچي : پاڪستاني ڳائڻي مومنا مستحسن جي سوشل ميڊيا تي غير حاضري بالي ووڊ اداڪارا کي پريشان ڪري ڇڏيو.
مومنا مستحسن تازو پنهنجي مداحن کي سوشل ميڊيا سائيٽ انسٽاگرام تان عارضي طور وقفو وٺڻ جو ٻڌايو هو.
ان خبر جتي ڳائڻيءَ جي مداحن کي ڳڻتي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو، اتي ئي وري بالي ووڊ اداڪارا پراچي ڊيسائي به پريشان ٿي وئي.
پراچي ڊيسائي مومنا مستحسن جي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي لکيو ”اميد ته توهان خيريت سان هوندا، سدائين خوش رهو“.
واضح رهي ته ڀارتي فلم ”ايڪ ولن“ جو گيت ”آواري“ مومنا مستحسن ڳايو هو، جنهن ۾ پراچي ڊيسائي پرفارم ڪيو هو، جڏهن ته پراچي ۽ مومنا سوشل ميڊيا تي هڪٻئي سان ڳالهه ٻولهه به ڪنديون رهنديون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔