عثمان بزدار سان سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي ملاقات

لاهور: پنجاب جي  وڏي وزير عثمان بزدار سان سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جا معاملا ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ملاقات دوران ارباب غلام رحيم عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي عثمان بزدار کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پنجاب حڪومت ٻين صوبن کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. ڪاش سنڌ حڪومت به عوامي فلاح لاءِ پنجاب کي رول ماڊل بنائي. ان موقعي تي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار چيو ته اڳوڻن حڪمرانن ڪم گهٽ ڪيو رڙيون گهڻيون ڪيون. ماضي جي حڪومت ادارن کي سياسي مداخلت جي ذريعي تباهه ڪيو. 

عثمان بزدار چيو ته گهٽ وقت ۾ جيڪي ڪم ڪيا اهي اڳوڻيون حڪومتون 70 سالن ۾ به نه ڪري سگهيون. اسان ڳالهائيندا گهٽ ۽ ڪم وڌيڪ ڪندا آهيون. ترقي جي سفر ۾ ٻين صوبن کي به گڏ کڻي هلنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔