اپوزيشن جي ڪري بجيٽ ۾ ڳالهائڻ جو موقعو نه مليو: سعيد غني

ڪراچي: صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته اپوزيشن جي ڪري بجيٽ ۾ ڳالهائڻ جو موقعو نه ملي سگهيو، مقرريون ۽ بدلين تي پابندي هئي، ڪجهه ماڻهو فرمائش تي بدليون ڪرائيندا هئا، سنڌ ڪابينا کان منظور ڪرايل مقرريون ۽ بدليون تي عملدرآمد پهرين جولاءِ کان ٿينديون، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته هڪ سال استادن جو هڪ دفعو بدلي ٿي سگهندي، جتي ٽيچرز گهٽ آهن اتي ٽيچر وڃي سگهندا، بدلين جي ڪري شاگردن جي تعليم متاثر ٿيندي هئي، پي ايس ٽي جو ڪيڊر تبديل نه ٿيندو پر سندس پروموشن ٿيندو رهندو، هن چيو آهي ته 37 هزار استادن کي ڀرتين وارو عمل هاڻي ٽن سالن بجاءِ هڪ سال ۾ ئي مڪمل ڪيو ويندو. تعلقي ايجوڪيشن آفيسرن جون ڀرتيون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڪيون وينديون، ٽيچرس ٽريننگ اسڪولن کي پبلڪ پرائيوٽ پارٽنر شپ تحت هلايا ويندا.، هن چيو آهي ته 2057 اهڙا اسڪول کوليا آھن جيڪي استاد نه هجڻ سبب بند هئا، لائبريرين کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ لاءِ135 ملين رکيا ويا آھن.،186 نيون اسڪيمون رکيون آھن، هن سال اسڪولن کي گهربل فرنيچر ڏنو ويندو ۽ نڌ اجوڪيشن جي بجيٽ ۾ هلندڙ سال 13 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آھي، اڍائي هزار ٻارن کي اسڪالرشپ ڏني ويندي آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔