قومي اسيمبلي ۾ قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس طلب

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، ميڊيا رپورٽ موجب پارلياماني ڪميٽي جو ان ڪئيمرا اجلاس پهرين جولاءِ تي 3 وڳي ٿيندو، جنهن جي صدارت اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر ڪندو، جڏهن ته اجلاس ۾ قومي سلامتي سان لاڳاپيل مامرا ايجنڊا جو حصو هوندا، ان دوران افغانستان جي موجوده صورتحال ۽ ان جا پاڪستان تي ٿيندڙ اثر جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي، اجلاس ۾ حڪومت طرفان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، گهرو وزير شيخ رشيد، دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ شريڪ ٿيندا، جڏهن ته اپوزيشن ليڊر شهباز شريف، بلاول ڀٽو زرداري سوڌو ٻيا وزير ميمبرز شرڪت ڪندا، هن کان علاوه سينيٽ چيئرمين ۽ سينيٽ ميمبرز کي به خصوصي طور تي دعوت ڏني وئي آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔