اسان ايترا بُرا به ناھيون، جيترو سمجھيو وڃي ٿو:ڊي جي رينجرز

ڪراچي: ڊي جي رينجرز سنڌ افتخار حسن چوڌري چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ 6 ملڪ تباھ ٿي ويا، ڪو ملڪ 4 سال ته ڪو 3 سالن ۾ تباھ ٿيو، اسان ڪجهه ته ڪيو آهي جو اڄ بھتر پوزيشن ۾ موجود آھيون، اسان گھڻو ڪجهه ڪيو آھي، ھن قوم وڏي جدوجھد ڪئي آھي. ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪرائيم جو شور مچندو آھي، ٽورنٽو ۾ ھڪ مسلمان جي ڏاڙھي ڪوڙي وئي، اھو واقعو ڪراچي ۾ ٿئي ھا ته وڏو شور مچي ھا، تيزاب جي ھڪ ٻن واقعن تي فلم ٺاھڻ تي شرمين کي آسڪر ايوارڊ مليو، برطانيا ۾ ڇرين سان حملن جا 10 ھزار واقعا رپورٽ ٿيا، ڪنھن کي خبر ئي ناھي، ڊي جي رينجرز چيو ته اسان کي باربار برو چيو ويو، تنھنڪري اسان پاڻ کي پاڻ برو سمجھڻ لڳا آھيون، حقيقت اھا آھي ته اسان ايترا برا به ناھيون، جيترو سمجھيو وڃي ٿو، هن چيو آهي ته اسان ڪراچي ۾ اسپورٽس ۽ ڪلچرل سرگرميون ڪرائڻ وڃون پيا، ڪورونا سبب سرگرميون معطل ٿيون، ٻيھر راندين جا ميدان سجندا، ڊي جي رينجرز چيو ته اسان کي سماجي ذميواري جو مظاھرو ڪرڻو پوندو، والدين ٻارن تي نظر رکن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔