لاهورڌماڪي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي، بارود سان ڀريل ڪار پارڪ ڪندڙ جوابدار راولپنڊي مان گرفتار

لاهور: جوهر ٽائون ۾ ڌماڪي سان ڀريل ڪار پارڪ ڪندڙ جوابدار کي راولپنڊي مان گرفتار ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب لاهور جي علائقي جوهر ٽائون ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي واقعي واري هنڌ گاڏي ڇڏي ايندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جوابدار کي راولپنڊي مان گرفتار ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ کيس وڌيڪ جاچ جي لاءِ نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان جاچ ڪندڙ ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار دهشتگرد جي سڃاڻپ عيد گل جي نالي سان ٿي آهي.

عيد گل بارود سان ڀريل گاڏي کي واقعي واري هنڌ پارڪ ڪيو هو. مُک جوابدار کي گرفتار ڪري سي ٽي ڊي پوليس پهرين کان گرفتار پال ڊيوڊ وٽ وٺي آئي ته ان به پنهنجي ساٿي دهشتگرد جي سڃاڻپ ڪئي. پال ڊيوڊ ڌماڪي ۾ استعمال ٿيندڙ ڪار عيد گل کي ڏني هئي. پال ڊيوڊ اها ڪار ڌماڪي کان 7 ڏينهن اڳ گوجرانوالا مان خريد ڪئي هئي.

بارودي مواد سان ڀريل گاڏي بيهارڻ کان پوءِ عيد گل فرار ٿي ويو هو. عيد گل جو تعلق هڪ پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي. ان کان اڳ ساڳئي ڪيس ۾ عيد گل کان علاوه 4 وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سمورن جوابدارن کان سي ٽي ڊي پوليس جاچ ڪري رهي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔