خانيوال ‏‏‏‏۾ 4 ورهين جي ٻارڙي زيادتي بعد قتل، لاش فصل مان هٿ

خانيوال: پنجاب جي علائقي خانيوال ۾ وحشي جوابدار 4 ورهين جي ٻارڙي کي زيادتي بعد قتل ڪري لاش فصل ۾ اڇلائي ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته 4 ورهين جي ٻارڙي کي 4 ڏينهن اڳ ڳوٺ عزيز مان گهر ٻاهران کيڏڻ دوران اغوا ڪيو ويو، پوليس موجب ٻارڙي کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪري لاش کي فصل ۾ اڇلايو ويو، ٻارڙي جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف ٻارڙي جو لاش ملڻ تي وارثن ۽ علائقي واسين احتجاج ڪندي جهانيان روڊ تي ٽائر ساڙي روڊ بند ڪري ڇڏيو ۽ ڪراچي کان ويندڙ سر سيد ايڪسپريس کي به روڪي ورتو، ٻارڙي جي وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس کي ٻارڙي جي گمشدگي جو اطلاع ڏنو هو ان باوجود پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، جيڪڏهن پوليس ڪارروائي ڪري ها ته هي واقعوپيش نه اچي ها..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔