ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد آئل ٽينڪرز ايسوسيئيشن جو هڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد: آئل ٽينڪرز ايسوسيئيشن پيٽروليم ڊويزن جي اختيارين سان ڳالهين جي ڪاميابي کان پوءِ هڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر ٽينڪرز ايسوسيئيشن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ چيو ته آئل ٽينڪرز جي 24 ڪلاڪن کان هڙتال هلي رهي هئي، حڪومت ۽ آئل ٽينڪرز جا معاملا حل ٿي ويا.
سندس چوڻ هو ته معاملي گڏيل اتفاق راءِ سان طئي ٿي ويا آهن، اڳتي لاءِ معاملا خراب نه ٿين ته ان لاءِ هڪ طريقيڪار طئي ٿي ويو آهي.
ان موقعي تي آئل ٽينڪرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻ تاج آفريدي جو چوڻ هو ته حڪومت 3 سيڪڙو ٽيڪس واپس وٺي ڇڏيو ۽ اسان هڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيون ٿا.
سندس چوڻ هو ته لانگ روٽ آئل ٽينڪرز جي اپ گريڊيشن مڪمل ٿي چڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔