صوبائي وزير شبير بجاراڻي، حليم عادل شيخ کي 10 ڪروڙ رپيا هرجاڻي جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو

ڪراچي: صوبائي وزير شبير بجاراڻي، اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ کي 10 ڪروڙ رپيا هرجاڻي جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو. نوٽيس ۾ لکيو ويو آهي ته سنڌ اسيمبلي جي ٻاهران ، حليم عادل شيخ ڪنڌڪوٽ جي چاچڙ برادري تي حملي ۽ قتل جو ڪوڙو الزام هنيو، شبير بجاراڻي چيو ته بنا ثبوتن جي الزام لڳائي منهنجي ساک کي داغدار ڪيو ويو. نوٽيس جي متن ۾ لکيل آهي ته شبير بجاراڻي جو خاندان پاڪستان کان اڳ سياست ۾ آهي، الزامن تي کيس دلي صدمو رسيو آهي. حليم عادل شيخ ٻيهر پريس ڪانفرنس ڪري ۽ معافي وٺي. هو پنهنجي پريس ڪانفرنس جي وڊيو سوشل ميڊيا تي مهم طور هلائي رهيو آهي، وڊيو اليڪٽرانڪ ميڊيا سميت فيس بڪ پيج ۽ سوشل ميڊيا تان هٽائي وڃي. حليم عادل شيخ جي معافي انگريزي ۽ اردو اخبارن ۾ شايع ٿئي ۽ معافي جو متن سمورن اسيمبلي ميمبرن ۾ ورهايو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔