تربيلاسرنگ نمبر 4 پراجيڪٽ ۾ 100 ارب روپين جو نقصان ٿيو: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان چيو آھي تھ تربيلاسرنگ نمبر 4 پروجيڪٽ ۾ 100 ارب روپين جو نقصان ٿيو آھي. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جو چوڻ آھي تھ ڏيڍ سال کان انھيءَ حوالي سان قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي (ايڪنڪ) جي فيصلن تي نھ پيو ڪيو وڃي. تفصيلي پرفارمنس آڊٽ 60 ڏينھن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ھو. نائب چيئرپرسن ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان ناصرھ اقبال مطالبو ڪيو آھي تھ نقصان پھچائندڙن جو احتساب ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔