مقصود تي قسمت جي ديوي مهربان، انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز دوري لاءِ ٽيم ۾ شامل

لاهور: مڊل آرڊر بيٽسمين صهيب مقصود کي انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز دوري لاءِ قومي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
صهيب مقصود کي حيدر علي جي جاءِ تي قومي اسڪواڊ ۾ جاءِ ملي آهي، جنهن کي عميد آصف سان گڏ پي ايس ايل ۾ بائيو سيڪيور پروٽوڪولز جي ڀڃڪڙي تي معطل ڪيو ويو ۽ حيدر علي کي انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز دوري لاءِ به ٽيم مان ڪڍيو ويو آهي.
پاڪستاني اسڪواڊ سڀاڻي انگلينڊ لاءِ روانو ٿيندو ۽ صهيب مقصود جي خوش قسمتي اها آهي ته هو رڳو 24 ڪلاڪ اڳ قومي اسڪواڊ جو حصو بڻجي ويو آهي.
چيف سليڪٽر محمد وسيم قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ هيڊ ڪوچ مصباح الحق سان صلاح مشوري کانپوءِ حيدر علي جي جاءِ تي صهيب مقصود کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو.
صهيب مقصود پي ايس ايل 6 جي 11 ميچن ۾ 40.33 جي ايوريج ۽ لڳ ڀڳ 153 جي اسٽرائيڪ ريٽ سان 363 رنسون ٺاهي چڪو آهي.
واضح رهي ته حيدر علي جي خراب ڪارڪردگي باوجود ٽيم ۾ شموليت تي قومي ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي تي تنقيد ٿي رهي هئي ۽ شوقين صهيب مقصود کي موقعو ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔