بحريا ڪيس: ڀڃ ڊاھ ۾ ملوث 5 قومپرست ڪارڪن 3 ڏينهن ريمانڊ تي پوليس حوالي

ڪراچي: ڪراچي جي دھشتگردی ٽوڙ عدالت بحريا ٽائون واري ڪيس ۾ سمورن ڪارڪنن کي 3 ڏينھن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، بحريا ٽائون آڏو احتجاج دوران باھيون ڏيڻ ۽ ڦرلت ر ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتارڪيل 5 قومپرست ڪارڪنن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي عدالت قومي ڪارڪنن کان پڇيو ته توھان کي ڪٿان گرفتار ڪيو ويو، جنهن تي هنن چيو ته اسان کي ڪورنگي تان گرفتار ڪيو ويو آھي، جاچ آفيسر چيو ته جوابدان کان سندس ساٿين بابت پاڇا ڳاڇا ڪرڻي آھي ان ڪري جسماني ريمانڊ تي اسان حوالي ڪيو وڃي، جنهن تي عدالت قومي ڪارڪنن کي 3 ڏينھن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس ڪندي کين ڇنڇر ڏينھن تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي ھدايت ڪئي، گرفتار قومي ڪارڪنن ۾ امير عباسي، معشوق علي، شفقت عرف ڪامريڊ ديشي، پرويز آريجو ۽ حيدر عباس شامل آھن، پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار تازو بحريا ۾ ڦرلٽ، باھيون ڏيڻ ۽ خوف ڦھلائڻ ۾ ملوث آھن، جوابدارهڪ منصوبابندي تحت ساٿين سان گڏجي بحريا ۾ داخل ٿيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔