لاهور ڌماڪي جو ٽارگيٽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هئا: آءِ جي پنجاب

لاهور: پنجاب پوليس جي انسپيڪٽر جنرل انعام غني چيو آهي ته لاهور ڌماڪي جو هدف پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هئا. لاهور ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي آءِ جي پنجاب انعام غني چيو ته جوهر ٽائون ڌماڪي ۾ اسان جان ۽ مال جي نقصان جي تلافي نٿا ڪري سگهون پر ان ۾ ملوث سڀني کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون تمام جلد اسان انهن بابت خوشخبري ڏينداسين ۽ انھن کي انجام تائين پهچائينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ انعام غني چيو ته سي ٽي ڊي واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي ، سي ٽي ڊي اهو ٻڌائيندي ته ڌماڪو ڪيئن ٿيو ، ڪهڙو مواد استعمال ڪيو ويو ، ڌماڪيدار مواد ڪٿي نصب هو، اهو آپگهاتي هو يا ڊوائيس ذريعي ڪيو ويو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ انعام غني چيو ته بهتر آهي ته هن وقت قياس آرائيون نه ڪيون وڃن، اسان کي هر وقت ٿريٽس ملندا رهن ٿا، هن وقت به اسان 60 کان وڌيڪ ٿريٽس تي ڪم ڪري رهيا آهيون، ڌماڪي جي جاءِ ويجهو هاءِ ويليو ٽارگيٽ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ انعام غني چيو ته جيڪڏهن پوليس پڪٽ نه هجي ها ته ڌماڪي واري گاڏي هاءِ ويليو ٽارگيٽ تائين پهچي وڃي ها.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔