بلاول کي مان ڇا ٿو سيکاري سگهان، ڇا مڇيءَ کي به ڪنهن ترڻ سيکاريو آهي؟ آصف علي زرداري

لاهور: پ پ سربراهه آصف علي زرداري، اڳوڻي وزير اعظم شهيد بينظير ڀٽو جي 68 سالگره جو ڪيڪ لاهور ۾ ڪٽيو. ان موقعي تي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته بينظير ، بينظير هئي. هن دنيا ۾ پنهنجي سوچ مڃرائي، اڄ مٿس ڪتاب لکيا پيا وڃن. موت برحق آهي پر کيس پنڊي جلسي کان منع ڪيو هو، پر هن نه مڃيو. هن چيو ته هڪ انٽيليجنس آفيسر رات جو کيس چيو ته توهان جي زندگي خطري ۾ آهي، جنهن تي بينظير کيس چيو ته توهان هنن کي پڪڙيو ڇو نٿا. الله تعاليٰ بي بي کي ايتري طاقت ڏني هئي جو هن ڪارڪنن جي مدد سان مشرف کي مک وانگر ٻاهر ڪڍيو. هن چيو ته بلاول کي مان ڇا ٿو سيکاري سگهان، ڇا مڇيءَ کي به ڪنهن ترڻ سيکاريو آهي؟ هو پنهنجي موج ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي، بلاول توهان جي ايندڙ نسلن کي گڏ کڻي هلندو. آصف زرداري چيو ته ڪافي سالن کانپوءِ ڪارڪنن سان ملي خوشي ٿي، آئون ڪڏهن جيل ۾ ۽ ڪڏهن اسپتال ۾ رهيو آهيان ڪارڪنن سان ملڻ منهنجي لاءِ ڪنهن تحفي کان گهٽ نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔