چين مان ڪورونا ويڪسين جون پندرنهن لک خوراڪون پاڪستان پهچي ويون

اسلام آباد: ڪورونا ويڪسين جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ 15 لک خوراڪون پاڪستان پهچي ويون. پي آءِ اي جو خصوصي جهاز چين مان ويڪسين کڻي اسلام آباد پهتو.

اين سي او سي موجب سائنو ويڪ ويڪسين صوبن کي ڏني ويندي ايندڙ هفتي وڌيڪ 20 کان 30 لک خوراڪن جي کهيپ پهچندي. چين پاڪستان کي ويڪسين جي لاڳيتو سپلائي يقيني بنائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کنيا آهن. ويڪسين کي وفاقي ادارن تائين پهچائڻ جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه ويڪسين جي کوٽ سبب ڪيترن ئي شهرن ۾ شهري پريشان نظر آيا.وفاقي وزير اسد عمر پنهنجي ٽوئٽر پيغام ۾ قوم کي پهريان ئي آگاهه ڪري ڇڏيو هو ته 15 لک خوراڪون اڄ پاڪستان پهچي وينديون. اسد عمر چيو هو ته گذريل هفتي روزاني 3 لک 32 هزار ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وئي. ايندڙ هفتي وڌيڪ رڪارڊ ٺاهينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔