مشهور فٽبالر رونالڊو جي عمل ڪرينه کي ماضي ياد ڏياري ڇڏيو

نئين دهلي: پرتگال جو مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو جو عمل جتي سموري دنيا جو ڌيان پنهنجي طرف ڇڪرائيندو رهيو آهي اتي ئي بالي ووڊ جي اداڪاره ڪرينه ڪپور به ان معاملي تي رد عمل ڏيڻ کان سواءِ نه رهي سگهي.ڪجهه ڏينهن اڳ فٽبالر پريس ڪانفرنس جي شروعات تي سافٽ ڊرنڪ جون بوتلون ڪيمري جي اڳيان هٽائي ڇڏيون هيون ۽ ان جي جڳهه پاڻي جي بوتلن کي اوليت ڏني هئي. ان حوالي سان اداڪاره ڪرينه ڪپور مشهور ترين فلم(جب وي ميٽ) جو هڪ ڊائيلاگ پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي شيئر ڪيو آهي.ڊائيلاگ ۾ ڪرينه(گيت) چوي ٿي ته ڪولا سوڊا سڀ پنهنجي جڳهه تي آهن پر پاڻي جو ڪم پاڻي ئي ڪندو آهي. ڪرينه ڪپور جي اسٽوري سوشل ميڊيا تي ڪافي وائرل ٿي رهي آهي جڏهن ته صارفين ان تي پنهنجا دلچسپ تبصرا به پيش ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔