ڇا صنم سعيد ۽ محب مرزا شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي چڪا آهن؟

لاهور: شوبز انڊسٽري جو مشهور اداڪار محب مرزا ۽ اداڪاره صنم سعيد جي شادي جون خبرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن. ٻنهي اداڪارن هڪ ٻئي سان گڏ ڪيترن ئي ڊرامن سميت فلمن ۾ به گڏجي ڪم ڪيو آهي.سوشل ميڊيا صارفين موجب هي ٻئي اداڪار شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي چڪا آهن. پر اداڪارن طرفان اڃان تائين ان خبرن جي ڪابه تصديق نه ڪئي وئي آهي. محب مرزا ان کان اڳ اداڪاره ۽ ماڊل آمنه شيخ جو مڙس هو جڏهن ته انهن جي شادي 14 سالن کان پوءِ ختم ٿي وئي. هڪ مشهور ويب چينل جي ميزبان خيالن جو اطهار ڪيو آهي ته لڳي ٿو ته ٻئي شادي ڪري چڪا آهن وائرل ڪلپ کان پوءِ ڪيترن ئي صارفين پروگرام جي ميزبان سان اتفاق ڪيو.ڪجهه صارفين ان افواهن تي خوشي جو اظهار ڪيو ته ڪنهن ان خبر کي کي 5 مهينا پراڻي قرار ڏنو ۽ چيو ته اهو بالڪل سچ آهي. ياد رهي ته اداڪاره صنم سعيد 2015 ۾ پنهنجي دوست فرحان حسن سان شادي ڪئي هئي جنهن کان پوءِ انهن پاڪستان ڇڏي ڏنو هو پر ڪجهه ذاتي اختلافن سبب ٻنهي ۾ عليحدگي ٿي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔