پاڪستاني اداڪار گوهر رشيد ۽ اداڪاره ڪبريٰ خان کي مداحن شادي جو مشورو ڏئي ڇڏيو

لاهور: پاڪستاني اداڪار گوهر رشيد ۽ اداڪاره ڪبريٰ خان کي مداحن شادي جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي. تازو ئي ڪبريٰ خان جي سالگره تي گوهر رشيد طرفان اداڪاره سان گڏ تصوير شيئر ڪندي ان جي پنهنجي زندگي ۾ اهميت کي واضح ڪيو ويو.گوهر رشيد پنهنجي پوسٽ ۾ ڪبريٰ کي مخاطب ٿيندي لکيو ته ڪبريٰ هاڻ اوهان منهنجي لاءِ پنهنجي اهميت ڄاڻو ٿا. گوهر رشيد پنهنجي پوسٽ ۾ اداڪاره جي لاءِ ان جي سالگره جي مبارڪباد پيش ڪندي ان لاءِ نيڪ خواهشن ۽ تمنائن جو ذڪر ڪيو. ان کان پوءِ گوهر رشيد پاران اداڪاره ڪبريٰ خان جي لاءِ لکيل نوٽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو ۽ مداحن طرفان ٻنهي اداڪارن کي شادي ڪرڻ تي زور ڏنو پيو وڃي.هڪ مداح گوهر رشيد جي پوسٽ تي تبصرو ڪندي کيس مشورو ڏنو ته شادي ڪري وٺو ڀاءُ، عاليه نالي صارف ٻنهي اداڪارن کي بهترين جوڙو قرار ڏنو. جڏهن ته هڪ صارف جو چوڻ هو ته اوهان ٻئي گڏ تمام سٺا لڳندا آهيو. اڃان تائين ٻنهي اداڪارن طرفان في الحال ان حوالي سان ڪابه تصديق يا ترديد سامهون ناهي اچي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔