پي ايس ايل جو پهريون مرحلو مڪمل، پلي آف جون چار ٽيمون ڪنفرم

ابوظهبي: پاڪستان سپر ليگ جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو ۽ پلي آف جون چارئي ٽيمون ڪنفرم ٿي چڪيون آهن.پي ايس ايل جي پهرين مرحلي ۾ هر ٽيم 10-10 ميچ کيڏيا جنهن کان پوءِ اسلام آباد يونائيٽيڊ ملتان سلطان، پشاور زلمي ۽ ملتان سلطانز پلي آف جي ڪواليفائي ڪري ورتو. بيٽنگ ۾ ڪراچي ڪنگز جي بابر اعظم 6 نصف سينچرين جي مدد سان 501 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو. ملتان سلطان جو محمد رضوان 470 رنسون ٺاهي ٻئي، سرفراز احمد 321 رنسون ٺاهي ٽئين نمبر تي آهن.ڪراچي ڪنگز جي شرجيل خان 10 ميچن مان 312 جڏهن ته ملتان سلطان جي صهيب مقصود 304 رنسون ٺاهيون. بالنگ ۾ ملتان سلطان جي شاهنواز دباني 9 ميچن ۾ 20 وڪيٽون حاصل ڪري ٽاپ تي آهي. لاهور قلندر جو شاهين شاهه آفريدي 16 وڪيٽون حاصل ڪري ٻئين، پشاور زلمي جو وهاب رياض 14 وڪيٽون وٺي ٽئين جڏهن ته لاهور قلندر جو جيمز فاڪٽر 13 وڪيٽن سان چوٿين نمبر تي آهي.اسلام آباد يونائيٽيڊ جي حسن علي ۽ پشاو زلمي جي ثاقب محمود ليگ اسٽيج ۾ 12-12 وڪيٽون حاصل ڪيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔