پرڏيهي وزير جي افغان مفاهمتي ڪونسل جي چيئرمين سان ملاقات

انقره: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افغانستان جي قومي مفاهمتي ڪونسل جي چيئرمين عبدالله عبدالله سان ملاقات ڪئي آهي. اِها ملاقات ترقي ۾ ٿيل انطاليه سفارتي فورم جي موقعي تي ٿي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن، افغان امن عمل سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان کي بين الافغان ڳالهين جي شروعات ۾ ڪاميابي ملي، افغان قيادت ڳالهين جي ذريعي افغان مسئلي جو سياسي حل ڳولهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ناڪاري بيان ۽ الزام تراشيون ماحول جي خرابي جو سبب بڻجن ٿيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔