بلوچستان جي 584 ارب رپين جي بجيٽ پيش، پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ

ڪوئيٽا: بلوچستان اسيمبلي ۾ ناڻي واري صوبائي وزير مير ظهور احمد بليدي ايندڙ مالي سال لاءِ 584 ارب رپين جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي.بلوچستان اسيمبلي جي ٻاهران مخالف ڌر طرفان ڀرپور ڀڃ ڊاهه جي باوجود ناڻي واري صوبائي وزير مير ظهور احمد بليدي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي. بجيٽ تقرير ڪندي ناڻي واري صوبائي وزير چيو ته ايندڙ مالي سال جي لاءِ بلوچستان جي بجيٽ جو ڪل حڪم 584 ارب رپيا آهي جنهن ۾ ترقياتي بجيٽ جو ڪاٿو 179 ارب 19 ڪروڙ رپيا آهي، بجيٽ خساري جو ڪاٿو 84.7 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. بلوچستان جي ناڻي واري وزير چيو ته جاري اسڪيمن جي لاءِ 112 ارب 54 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن ۽ نين ترقياتي اسڪيمن جي لاءِ 76 ارب 65 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن. شاهراهن تي ايمرجنسي سينٽرز جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي، بولان ميڊيڪل ڪاليج ۾ 2 هاسٽلز جي اڏاوت لاءِ 20 ڪروڙ رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي. ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ3.6 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ڊاڪٽر ۽ طبي عملي جي رهائش لاءِ 10 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن ۽ سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ پرچي سسٽم کي ختم ڪيو ويو آهي. مير ظهور احمد بليندي موجب بلوچستان جي لاءِ هيلٿ ڪارڊ اسڪيم آڻي رهيا آهيون، هيلٿ ڪارڊ سان 18 لک 75 هزار خاندانن کي علاج جي سهولت ملندي ۽ سمورن ماڻهن کي 10 لک رپين تائين مفت علاج ميسر هوندو، هيلٿ ڪارڊ اسڪيم جي لاءِ 5.914 رب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي. ناڻي واري وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته بجيٽ ڪو به نئون ٽيڪس نه پيو هنيو وڃي، نئين مالي سال ۾ 5 هزار نيون جايون رکيون ويون آهن، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، تعليم جي لاءِ 71 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن ۽ صحت جي لاءِ 38 ارب رپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته امن امان لاءِ 52 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔