سپريم ڪورٽ ترقي بابت پاڪستان اسٽيل مل ملازمن جي اپيل رد ڪري ڇڏي

ڪراچي: سپريم ڪورٽ اسٽيل مل ملازمن جي ترقي واري اپيل رد ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ اسٽيل مل ملازمن جي ترقي بابت اپيل تي ٻڌڻي ٿي. 

جسٽس اعجازالاحسن وڪيل کي چيو ته اسٽيل مل هلائڻ جي لاءِ پئسا به نه آهن. اوهان کي گهر ويٺي پگهارون ملي رهيون هيون. اسٽيل مل 2015 کان بند پيل آهي ترقي ڪهڙي ڳالهه جي ڏني وڃي. ملازمن چيو ته اسٽيل مل جو آپريشنل بند آهي پر سروس فراهم ڪري رهيا هئاسين. 2011 کان ترقي گهرجي ٿي.

جنهن تي چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته اوهان نوڪريون ٻئي هنڌ به ڪندا هوندو، عدالت چيو ته اوهان کي گهر ويٺي پگهارون ملي رهيون هيون جنهن سبب پاڪستان اسٽيل مل بند ٿي وئي، اوهان ڪهڙي سروس ڏئي رهيا هئا. جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ اسٽيل مل ملازمن جي ترقي واري اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔