بلوچستان جي بجيٽ ۾ ترقياتي منصوبا نه رکڻ تي مخالف ڌر قومي شاهراه بلاڪ ڪري ڇڏي

ڪوئيٽا:بلوچستان ۾ اپوزيشن پارٽين ترقياتي منصوبن کي صوبائي بجيٽ جو حصو نه بڻائڻ کي حڪومت جي نااهلي قرار ڏنو ۽ ڪوئيٽا ، چاغي ، واشڪ ، خاران ۽ نوشڪي سميت بلوچستان جي ڪيترن ئي شهرن ۽ علائقن ڏانهن ويندڙ قومي شاهراه کي بلاڪ ڪري ڇڏيو. صوبائي اسيمبلي ۾ اپوزيشن پارٽين جي اڳواڻن اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن سندن تجويز ڪيل ترقياتي منصوبا بجيٽ ۾ شامل نه ڪيا ويا ته اهي اسيمبلي جي عمارت جو گهيراءُ ڪندا ۽ ڪنهن به ميمبر کي عمارت ۾ داخل ٿيڻ نه ڏيندا. گذريل ٽن ڏينهن کان بلوچستان اسيمبلي جي ٻاهران اپوزيشن ليڊر احتجاج ڪري رهيا آهن. ايڊووڪيٽ ملڪ سڪندر چيو ته اسان جو ڌرڻو 24 ڪلاڪ جاري آهي. ملڪ سڪندر ايندڙ بجيٽ ۾ اپوزيشن جي ترقياتي منصوبن کي اهميت نه ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي هڪ احتجاج جي اڳواڻي ڪري رهيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔