ڪورونا ويڪسين جي کوٽ سبب ڪراچي جا مختلف ويڪسينيشن سينٽر بند

ڪراچي: ڪورونا ويڪسين جي کوٽ سبب ڪراچي جا مختلف ويڪسينيشن سينٽر بند ڪيا ويا آهن.

سنڌ جي صحت کاتي موجب ڪورونا ويڪسين جي کوٽ سبب ننڍن ويڪسينيشن سينٽرن کي بند ڪيو ويو آهي. وفاق کان ويڪسين نه ملڻ سبب سينٽر بند ڪيا ويا آهن. سنڌ جي صحت کاتي موجب اهم وڏن سينٽرن ۾ ويڪسينيشن جو عمل جاري آهي. پر جتي ويڪسين جي کوٽ آهي اتي جلد ويڪسين فراهم ڪئي ويندي.

سنڌ جي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ڊسٽرڪٽ سائوٿ ۾ 40 ويڪسينيشن سينٽر قائم ڪيا ويا هئا. جنهن مان 30 بند ٿي ويا. ضلعي غربي جا 21 سينٽر ويڪسين جي کوٽ سبب بند آهن. ضلعي غربي ۾ قطر اسپتال ۾ قائم ماس سينٽر کي فعال رکيو ويو آهي. جڏهن ته ضلعي وسطي جي 18 سينٽرن مان 3 کي بند ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف مرڪز بند هجڻ سبب پنجاب جي سڀني کان وڏي ايڪسپو سينٽر ۾ ويڪسين لڳرائيندڙن جو رش وڌي ويو آهي. ويڪسين جي محدود مقدار ۽ کوٽ سبب ايڪسپو سينٽر لاهور ۾ به رش وڌي وئي آهي جنهن سبب ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه پيو ڪيو وڃي.

ذريعن موجب ايڪسپو سينٽر ۾ سائنو فام، سائنوويڪ ۽ آسٽرازينيڪا جو پهريون ۽ ٻيون ڊوز لڳرائڻ جي لاءِ شهرين ۽ پرڏيهي پاڪستانين کي صحيح ڄاڻ نه پئي ڏني وڃي ۽ نه ئي ڪا سهوليت مليل آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔