بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي بجيٽ اڄ پيش ڪئي پئي وڃي

ڪراچي؛  بلوچستان صوبي ۽ خيبرپختونخواهه جو بجيٽ اڄ پيش ڪئي پئي وڃي. خيبرپختونخواهه جي بجيٽ هڪ هزار 50 ارب روپين کان وڌيڪ هوندي.

سرڪاري ملازمن جي گريڊ 18 تائين جي لاءِ پگهار 25 سيڪڙو وڌائڻ جي تجويز آهي. گريڊ 19 کان 22 جي ملازمن لاءِ 10 سيڪڙو اضافي جي تجويز آهي. ترقياتي پروگرام لاءِ 3 سئو ارب روپيه رکڻ جو امڪان آهي. بلوچستان جو مالي سال 2021-22 جو بجيٽ به اڄ پيش ڪيو ويندو.

  ناڻي واري صوبائي وزير ظهور بليدي، بلوچستان اسيمبلي جي اجلاس ۾ بجيٽ پيش ڪندو. ذريعن موجب بجيٽ 500 ارب روپين کان وڌيڪ هجڻ جو امڪان آهي. سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي. هيلٿ انشورنس لاءِ 6 ارب روپيه رکڻ جو امڪان آهي.

جڏهن ته نصيرآباد ۾ ميڊيڪل ڪاليج جي قيام جي اعلان جو به امڪان آهي. بلوچستان بجيٽ ۾ ترقياتي خرچ 150 ارب روپين کان وڌيڪ هوندو. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔