سنڌ سرڪار مالي سال 2021-22 جي بجيٽ اڄ پيش ڪري رهي آهي

ڪراچي: سنڌ سرڪار مالي سال 2021-22 جي 13 کرب رُپين کان وڌيڪ ماليت واري بجيٽ اڄ پيش ڪري رهي آهي، 4 ارب رُپين جي خساري واري بجيٽ ۾ پگهارون 20 سيڪڙو وڌڻ جا امڪان، بجيٽ ۾ 55 سيڪڙو رقم تعليم، صحت، زراعت ۽ امن امان لاءِ رقم رکيل، گريڊ هڪ کان 15 تائين سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ 20 سيڪڙو ۽ باقي ٻين ملازمن جي پگهار ۾ 15 سيڪڙو واڌ جا امڪان، ڪراچي لاءِ 22 ارب رُپين جي 10 ميگا رٿائن جو خصوصي پيڪيج شامل، سنڌ جي 5 ڊويزنس ۾ وبائي مرضن جون اسپتالون تعمير ڪرڻ لاءِ فنڊز رکڻ جي تجويز، ذريعن موجب بجيٽ ۾ ڪوبه نئون ٽئڪس نه لڳايو ويندو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔