بلوچستان ۾ سڪيورٽي فورسز جو آپريشن،2 دهشتگرد مارجي ويا

اسلام آباد: سيڪورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي بلوچستان جي علائقي هلمرگ ۾ آپريشن ڪيو جنهن ۾ 2 دهشتگرد ماريا ويا.

فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ايف سي جو بهادر سپاهي فدالرحمان شهيد ٿي ويو، سپاهي جو تعلق چترال جي علائقي مستوج سان آهي .

آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن کان وڏي مقدار ۾ هٿيار۽ بارود هٿ ڪيو ويو، دهشتگرد شهرين ۽ فورسز خلاف پرتشدد ڪاررواين ۾ ملوث هئا.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڪيورٽي فورسز مادر وطن جي حفاظت ۽ دفاع لاءِ پرعزم آهي.

گذريل سال ڊسمبر ۾ به بلوچستان جي ضلعي آواران ۾ ڳجهي آپريشن دوران سڪيورٽي فورسز سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 10 دهشتگرد ماريا ويا هئا.

مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز تي فائرنگ ۾ ملوث هئا ..ان کان اڳ بلوچستان جي علائقي ڪيچ ۾ سڪيورٽي فورسزڳجهو آپريشن ڪيو هو، آپريشن دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا هئا .

مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا، آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن کان هٿيار۽ ڪميونيڪيشن جا هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

 

 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔