ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سخت گرمي باوجود بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ،عوام سخت پريشان

اسلام آباد: ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سخت گرمي باوجود لوشيڊنگ عوام جا اهنج ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن. ڪراچي، لاهور، پشاور، ڪوئٽه ۽ راولپنڊي سميت مختلف شهرن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.

جڏهن ته ڳوٺن  جو حال ته ان کان به وڌيڪ خراب آهي. هر هڪ ڪلاڪ کان پوءِ لوڊشيڊنگ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. حيدرآباد جي ڪجهه علائقن ۾ ٻن ڏينهن کان بجلي بند رهڻ سبب پاڻي جو بحران پيد اٿي ويو آهي. لوڊشيڊنگ جي خلاف مختلف علائقن ۾ مظاهرا به ڪيا ويا.

هوڏانهن توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته گذريل 48 ڪلاڪن ۾ سسٽم ۾ 1500 ميگاواٽ بجلي شامل ڪئي آهي اڄ سسٽم ۾ وڌيڪ بجلي شامل ڪئي ويندي.

هن چيو ته گذريل 12 ڪلاڪن ۾ ڪٿي به لوڊشيڊنگ نه پئي ڪئي وڃي صرف بجلي چوري ڪندڙ علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ وڌي سگهي ٿي جڏهن ته مقامي سطح تي ورهاست واري نظام ۾ بريڪ ڊائون  تي به بجلي معطل ٿي سگهي ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔