ڪلڀوشن کي اين آر او ڏيڻو هو ته توهان آرڊيننس ڇو آندو؟ بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن توهان کي ڪلڀوشن کي اين آر او ڏيڻو هو ته آرڊيننس ڇو آندو؟ توهان ڪشمير جا وڪيل بڻجندا هيا پر ڪلڀوشن جا وڪيل نڪتا. قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي بلاول ڀٽو زرداري حڪومتي ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن توهان اسان کي نه ٻڌندا، ڳالهائڻ نه ڏيندا ۽ بل ئي پڙهڻ نه ڏيندا ته اها زيادتي هوندي. هن چيو ته سڀ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيارڻ چاهيون ٿا، ان لاءِ اسان کي گڏجي هلڻو پوندو، زبردستي بل پاس نٿو ٿي سگهي، جيڪڏهن توهان اسان سان ڳالهايون ڪندا ته اسان توهان جي مدد ڪنداسين.ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڪلڀوشن بابت اسان انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي تي عمل ڪري رهيا آهيون، ڀارت چاهي ٿو ته پاڪستان عالمي عدالت جي فيصلي تي عمل نه ڪري، اپوزيشن به اهو ئي چاهي ٿي، افسوس اپوزيشن ڀارت جي ٻولي ڳالهائي رهي آهي، ايوان ۾ قانون سازي تي ڳالهائڻ چاهيون ٿا ته واڪ آئوٽ ڪيو وڃي ٿو. واضح رهي ته اڄ قومي اسيمبلي پاڪستان ۾ گرفتار ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو تي انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ نظرثاني حق جو بل آرڊيننس 2020 منظور ڪري ورتو آهي. قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم جو چوڻ هو ته اهو بل ڀارت جي ناپاڪ عزمن خلاف آندو آهي، جيڪڏهن اهو قانون نه آڻينداسين ته ڀارت سلامتي ڪائونسل ۾ هليو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔