ٿوري عزت جو مظاهرو ڪريو: ڪبريٰ جو سوشل ميڊيا صارف جي سوال تي جواب

لاهور: مشهور اداڪاره ڪبريٰ خان صارف جي غير مناسب سوال جو جواب ڏيندي عزت ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. اداڪاره ڪبريٰ خان تازو ئي انسٽاگرام اسٽوري تي سوال ۽ جواب جو هڪ سيشن رکيو جنهن ۾ مداحن ان بابت ڪجهه دلچسپ سوال ڪيا.سيشن ۾ مداح ان جي شخصيت مان متاثر ٿي منفرد سوال پڇندا آهن اتي ئي هڪ صارف جي ڪمنٽ ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو. صارف اداڪاره جي نالي کي نشانو بنائيندي طنز ڪندي پڇيو ته اهو خراب نالو ڪنهن اوهان جو رکيو هو؟ ڪبريٰ سوال تي ڏک جو اظهار ڪندي لکيو ته يا الله! هي اوهان لاٰ ءِ مذاق هوندو پر حقيقت ۾ ائين نه آهي. اداڪاره وضاحت ڏيندي ٻڌايو ته هي ڪوبرا ناهي. ڪبريٰ آهي ان جو مطلب آهي زبردست، اعليٰ بالڪل ڪبير جيان.هن وڌيڪ ٻڌايو ته اهو نالو امام حسين عليه السلام جي وڏي ڌيءَ جو نالو هو. مهرباني ڪري عزت جو مظاهرو ڪريو. ياد رهي ته شوبز انڊسٽري جا اداڪار اڪثر مداحن سان رابطا قائم رکڻ لاءِ انسٽاگرام تي اهي سيشن رکندا آهن جنهن ۾ صارف طرفان پڇيل سوالن جو جواب ڏيڻو پوندو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔