پي ايس ايل: ۾ شرڪت لاءِ وڌيڪ چئن رانديگرن جا ويزا جاري

لاهور: پاڪستان سپر ليگ ۾ شرڪت جي لاءِ وڌيڪ 4 رانديگرن کي ويزا جاري ڪيا ويا آهن. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ويزا جاري ڪرڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته عمر امين، حماد اعظم، خالد عثمان ۽ آصف آفريدي کي ويزا ملي ويا آهن. پهرين فلائٽ ذريعي رانديگرن کي ابوظهبي پهچائڻ جا انتظام ڪيا پيا وڃن. پي سي بي جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته صرف هڪ رانديگر عمران رندهاوا جو ويزا اڃان تائين جاري ناهي ٿيو ان ڪري جيئن ئي ويزا جاري ٿيندو عمران رندهاوا جي به ابوظهبي روانگي کي حتمي شڪل ڏني ويندي.واضح رهي ته 9 جون تي لاهور قلندرز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ميچن سان پي ايس ايل جي ايڪشن جي شروعات ٿيندي ۽ ليگ جو فائنل 24 جون تي کيڏيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔