سڄي ملڪ ۾ تعليمي سرگرمين جي شروعات ٿي وئي

ڪراچي: ڪورونا جي وبا جي ڪري ڊگهين موڪلن کانپوءِ تعليمي ادارا هڪ ڀيرو وري کلي ويا آهن، سنڌ ۾ اٺين درجي تائين اسڪول بند رهندا .

لاهور، راولپنڊي، فيصل آباد ۽ ملتان سميت سڄي پنجاب ۾ اڄ کان تعليمي سرگرمين جي ٻيهر شروعات ٿي وئي آهي، اسلام آباد ۾ به ٻار اسڪول پهچي ويا آهن .

ايبٽ آباد، لوئر دير، باجوڙ ۽ مانسهره ۾ به اسڪول کلي ويا آهن ، ڪوئيٽا ۾ به ٻار اڄ کان اسڪول وڃڻ شروع ٿي ويا آهن.

خيبر پختونخواه ۽ بلوچستان جي باقي ضلعن ۾ تعليمي سرگرميون اڳ ۾ ئي شروع ٿي چڪيون هيون، آزاد ڪشمير ۾ به اڄ کان تعليمي سرگرميون شروع ٿي ويون آهن.

سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن جو وقت صبح 8کان ٻنپهرن جو 2 وڳي تائين آهي ، اين سي او سي جي هدايتن موجب ڪلاسن ۾ حاضري 50 سيڪڙو رکڻي هوندي.

تعليمي ادارن ۾ ڪورونا کان بچاءَ جون احتياطي تدبيرون به لازمي ڪيون وينديون . تعليمي ادارن ۾ ڪورونا کان بچاءَ لاءِ اسپري ڪيا ويا آهن ۽ احتياطي تدبيرن جا بينر به لڳايا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔