ويڪسين لڳرائيندڙن کي مختلف مراعتون ڏيڻ تي غور

لاهور : پنجاب جي صحت واري وزير ياسمين راسد چيو آهي ته ويڪسين لڳرائيندڙن کي مختلف مراعتون ڏيڻ تي غور ڪري رهيا آهيون.
پريس ڪانفرنس ڪندي ياسمين راشد چيو ته پنجاب ۾ ڪورونا ڪيس گهٽيا آهن ۽ هاڪاري ڪيسن جي شرح 2 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، 11 ڪروڙ آبادي واري صوبي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو ماڻهن کي ويڪسين هڻڻ ضروري آهي.
هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ لک 80 هزار ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وئي، صوبي ۾ ويڪسين جي کوٽ ناهي، جڏهن ته ويڪسين لڳرائيندڙن کي مختلف مراعتون ڏيڻ تي غور ڪري رهيا آهيون.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته نواز شريف کي بهترين علاج جي سهولت ڏني وئي، جنهن سبب هو ٻاهرين ملڪ سفر ڪرڻ جهڙو ٿيو پر افسوس ته وڏو عرصو حڪومت ۾ رهڻ باوجود اهڙي اسپتال نه ٺاهي سگهيا، جتي سندن علاج ٿي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔